شاهين اخبار

شاهين (اخبار): هيءَ هفتيوار اخبار 1955ع ۾ شڪارپور شهر مان نڪرڻ شروع ٿي، جنهن جو ايڊيٽر سماجي ڪارڪن اسد الله بلوچ هو. هن اخبار ۾ شهري حال احوال کان علاوه عالمي مسئلن تي پڻ مضمون شايع ٿيندا هئا. هيءَ اخبار ڪوهنور پرنٽنگ پريس مان شايع ٿيندي هئي. هن اخبار پڙهندڙن ۾ پنهنجو هڪ الڳ هلڪو ٺاهيو. هيءَ اخبار ٻه سال مسلسل شايع ٿيڻ بعد بند ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو